خيبرپختونخواهه جي حڪومت ڪرم ايجنسي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ مختلف علائقن ۾ آپريشن جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب ڪرم ايجنسي جي ڇڪتاڻ وارن علائقن بگن، ڇڇري، ڇپري پروان، مندوري ۾ آپريشن ڪيو ويندو ته جيئن علائقي مان بدامني جو خاتمو ڪري سگهجي. انهي حوالي سان ڪُرم جي ڊپٽي ڪمشنر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن جي متاثرين جي لاءِ عارضي ڪيمپ قائم ڪيا ويندا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪُرم ايجنسي ۾ آپريشن جي دوران متاثرين جي لاءِ ڪيمپ ضلعي هنگو ۾ قائم ڪيا ويندا. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪُرم واري علائقي بگن ۾ امدادي سامان پارا چنار کڻي ويندڙ گاڏين جي قافلي تي فائرنگ ڪئي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سپاهي سميت ڪيترائي ڄڻا فوت ٿي ويا هئا. 4 ڊرائيورن جا تشدد ٿيل لاش به بگن واري علائقي مان مليا هئا. هنگو جي اسسٽنٽ ڪمشنر سعيد منان ٽل کان پارا چنار امدادي سامان کڻي ويندڙ 35 گاڏين تي ٻڌل قافلي تي حملي جي تصديق ڪئي هئي. جنهن کان پوءِ اها خبر سامهون آئي هئي ته امدادي سامان پارا چنار کڻي ويندڙ گاڏين جي قافلي تي بگن ۾ حملي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 10 تائين پهچي ويو آهي.