خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جا آپريشن: 23 دهشتگرد مارجي ويا، 5 جوان شهيد

خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز 3 ڌار ڌار آپريشن ڪيا جنهن دوران 23 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 5 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ضلعي ٽانڪ ۾ ڪيل آپريشن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي موثر ڪارروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا. ٻيون آپريشن ضلع خيبر جي علائقي باغ ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ٻن دهشتگردن کي زخمي ڪيو ويو. ٽيون آپريشن پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا، آپريشن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي پڻ تباهه ڪيو ويو.   آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 5 جوان بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويا، شهيدن ۾ نائيڪ محمد اشفاق بٽ، لانس نائيڪ سيد دانش، سپاهي تيمور ملڪ، سپاهي نادر صغير، سپاهي محمد ياسين شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز سان گڏوگڏ عام شهرين جي خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروايون ۾ سرگرم رهيا. انهن جي قبضي مان ڳري مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.