خيبرپختونخواهه ۾ گذريل 3 ڏينهن کان جاري برساتن ۽ ٻوڏ سبب 24 ڄڻا فوت ۽ 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. صوبائي ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) جي رپورٽ موجب صوبي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 150 گهرن کي نقصان پهتو، پي ڊي ايم اي موجب ٽن ڏينهن کان جاري برساتن ۽ ٻوڏ سبب 24 ڄڻا فوت ۽ 17 زخمي ٿي پيا. جڏهن ته برسات سبب بند ٿيل روڊن کي کولڻ لاءِ وڏي مشينري پڻ استعمال ڪئي پئي وڃي. پي ڊي ايم اي ٻڌايو ته صوبي ۾ اڄ کان چوماسي برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيندو جيڪو 6 آگسٽ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي موجب مٿانهين ضلعن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه سبب شهر ۾ ٻوڏ جو پڻ امڪان آهي. پي ڊي ايم اي سموري ضلعي انتظاميه کي موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ اڻوڻندڙ واقعن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انتظاميه کي مشينري جي دستيابي جي هدايت ڪئي وئي آهي.