خيبر: پوليس ناڪي تي دهشتگردن جو حملو، ٻن اهلڪارن سميت 3 ڄڻا شهيد

ضلع خيبر جي علائقي چارواڙگئي ڀرسان پوليس ناڪي تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارن سميت 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا. ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر سليم عباس موجب لنڊي ڪوتل بازار جي ڀرسان پاڪ افغان شاهراهه تي قائم پوليس ناڪي تي دهشتگردن اوچتو حملو ڪيو، دهشتگردن جي فائرنگ سبب هڪ پوليس اهلڪار، اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر عالم زيب سميت هڪ واٽهڙو فوت ٿي ويا. ڊي پي او موجب دهشتگرد حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار ۽ هڪ واٽهڙو سميت 3 ڄڻا زخمي به ٿيا جنهن کان پوءِ هڪ ٻيو اهلڪار شير عالم زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ شهيد ٿيندڙن جو انگ 3 ٿي ويو. ڊي پي او چيو ته دهشتگرد حملي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي، ان دوران دهشتگرد فرار ٿي ويا جڏهن ته سڄي ضلعي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.