پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ حاجي صادق علي بلوچ ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول صادق علي بلوچ جي بلڊنگ زبون سان گڏ بنيادي سهولت جي کوٽ سبب اسڪول ۾ پڙهندڙ معصوم ٻارڙا هيٺ پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ لڳا اسڪول ۾ پڙهائيندڙ استادن جو چوڻ آهي ته اسڪول جي بلڊنگ زبون هئڻ ڪري اسان معصوم ٻارڙن کي بلڊنگ کان ٻاهر تعليم پڙهائي رهيا آهيون استادن موجب بلڊنگ ڪمزورهئڻ جون سرڪاري رڪارڊ موجب لکت ۾ به تعليم کاتي جي آفيسرن ٽي اوڪنگري ۽ ڊي او خيرپورآفيس وارن کي ڏنيون پر هن مهل تائين تدارڪ ناهي ٿي سگهيو . اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن جو چوڻ آهي ته اسڪول ۾ فرنيچر نه ھجڻ ڪري اسان زمين تي ويهي تعليم پرائي رهيا آهيون . اسڪول جي شاگردن تعليم کاتي جي ڪامورن کان گهرڪندي چيوته ڄاڻايل اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ جو نوٽس وٺي تدارڪ ڪئي وڃي