خيرپور :شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي پروفيسر ڊاڪٽر مينهون خان لغاري کي مستقل رجسٽرار جي مقرري تائين اضافي چارج طور يونيورسٽي جو رجسٽرار مقرر ڪيو آهي. ياد رھي ته ڊاڪٽر مينهون خان لغاري کي تدريسي، تحقيقي ۽ انتظامي معاملن جو وسيع تجربو آهي ۽ هو انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جو باني پڻ آهي. ڊاڪٽر لغاري انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جي بنيادي ڍانچي، شاگردن لاءِ تعليمي سهولتن، تحقيقي ۽ تعليمي نظم ۽ ضبط کي بهتر بڻايو آهي.