خيرپور ضلعي ۾ کجيءَ جو فصل پچي راس ڪٽائي وارو عمل شروع هزارين پورهيت ڪم ۾ رڌل علائقي ۾ ميلي وارو منظر

تفصيل موجب : خيرپور ضلعي اندر کجيءَ جو بمپر فصل پچي راس ٿي ويو آهي ۽ ڪٽائي وارو عمل باقائدي شروع ٿي چڪو آهي ۽ ضلعي جي مختلف علائقن ۾ هزارين پورهيت ڪم ۾ جنبي ويا آهن، خيرپور ضلعي جي ٺيڙهي، ٻٻرلوءِ، پريالوءِ ، رپڙي ، گمبٽ ڪوٽڏيجي، کهڙا . شادي شهيد، ۽ ٻين علائقن ۾ پوکيل 2 لک ايڪڙ کجيءَ جو فصل مڪمل پچي راس ٿيڻ کانپوءِ ڪٽائي واڍي وارو عمل شروع ٿي ويو آهي ۽ هزارين پورهيت ڪم ۾ جنبي ويا آهن خيرپور ضلعي ۾ 90 سيڪڙو اسيل کجي ٿئي ٿي جنهن کي پورهيت (چاڙهو) کجيءَ تي چمندَ ذريعي چڙهي ڪھاڙي سان گوشا وڍي ٿو بعد ۾ گوشن کي ڊاٽسن ، ٽريڪٽر، ٽرالن ذريعي پڙ تي آڻي ڏنگ ۽ ڏوڪا الڳ ڪري ڏوڪن کي ڌوئي تئي ۾ ڪاڙهي ٽوئن ۽ تڏن تي وڇائي سڪايو وڃي ٿو جنهن بعد ٻورن ۾ وجھي ٽرڪن . ٽريڪٽرن ٽرالن تي سٿي ملڪ جي وڏين کجور منڊن خيرپور ، سکر . لاهور ۽ ٻين منڊين تائين پھچايو وڃي ٿو، جڏهن ته ڪٽائي واري عمل شروع ٿيڻ سان ئي سنڌ توڙي پنجاب ۽ بلوچستان جا هزارين پورهيت روزگار سانگي پھچي روزگار سان لڳي ويا آهن ان سان گڏ مختلف علائقن مان لاڏائو (خانا بدوش) خاندان پڻ پھچي ويا آهن جيڪي روڊن واھن جي ڪنارن ۽ ميدانن تي جھوپڙا ٺاهي ويٺا آهن ۽ کجين جي ڪٽائي دوران ڏوڪا ميڙڻ ۽ باغائين کان خيرات وٺن ٿا جڏهن ته خيرپور ضلعي ۾ کجيءَ ۾ واڍي وارو عمل شروع ٿيڻ ڪري علائقي ۾ ميلي جو منظر لڳو پيو آهي ان ڏسَ ۾ پريالوءِ خيرپور ضلعي ۾ کجيءَ جون اسيل سميت مختلف جنسون ٿين ٿيون، خيرپور ضلعي ۾ ٻه لک ايڪڙن تي بيٺل کجيءَ جي فصل جون مختلف جنسون اسيل . ڪڙھ ، بصرو ، مٺڙي، ٽوٽو، ڪربلائڻ، ساوڙو ، ڪپڙو . ڏيڍي اوطاقڻ . اصل ڪڙھ . نقل ڪڙھ ۽ ٻيون جنسون آهن پر ٻه لک ايڪڙ فصل مان 90 سيڪڙو کجي اسيل جنس جي ٿئي ٿي جنهن مان ڇونهارو تيار ڪيو وڃي ٿو، جيڪو خاص ڪري ٻاهرين ملڪن . انڊيا . ۽ ٻين ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي ٿو، پريالوءِ کجيءَ جي ميوي کي دوستن ۽ مائٽن ڏانهن تحفي طور موڪليو وڃي ٿو رپورٽ موجب خيرپور ضلعي ۾ جتي کجيءَ جو بمپر ڪراپس فصل ٿئي ٿو اتان جا رهواسي پنهنجن دوستن ڏانهن کجيءَ جو ڏنگ توڙي کارڪون تحفي طور اسلام آباد، ڪراچي، دبئي، سعودي ۽ ٻين ملڪن ڏانهن موڪلين ٿا، پريالوءِ کجيءَ پچي راس ٿيڻ تي پورهيت. آبادگار توڙي علائقي واسي خوشي وچان ٻهڪڻ لڳا خيرپور ضلعي ۾ کجيءَ ۾ ڪٽائي وارو عمل شروع ٿيڻ سان علائقي ۾ هزارين پورهيت . آبادگار . هاري ناري خوشي وچان ٻهڪڻ لڳا آهن ان ڏس ۾ آبادگارن جو چوڻ آهي ته کجيءَ جي موسم شروع ٿيڻ سان ئي آبادگار توڙي پورهيت طبقو خوش هوندو آهي ڇو ته هڪ ته روزگار سان لڳي وڃي ٿو، ٻيو ته کارڪون توڙي ڏنگ کائي ٿو پورهيتن جو چوڻ آهي ته کجيءَ جي موسم جو عيد جيان انتظار ڪندا آهيون ڇو ته 12 مهينن جو روزگار به ملي وڃي ٿو ۽ ڏنگ توڙي کارڪون به جام کائون ٿا،