خيرپور ڀرسان قومي شاهراهه تي بس اونڌي ٿيڻ سبب ڊرائيور سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 14 زخمي ٿي پيا. پوليس موجب بس تيز رفتاري ۽ اوور ٽيڪنگ سبب اونڌي ٿي، زخمين ۽ لاشن کي اسپتال نيو ويو، زخمين جا 3 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پوليس اختيارين ٻڌايو ته مسافر بس ڪراچي کان سکر وڃي رهي هئي، حادثي جو شڪار ماڻهن جو واسطو روهڙي سان آهي.