دادو ويجهو پراڻي تڪرار تان گوپانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ ٻڍل گوپانگ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، جهيڙي ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو واجد علي پٽ عارب گوپانگ مارجي ويو، 1 ڄڻو مارجي ويو، فوتي جي سڃاڻپ واحد علي پٽ عارب گوپانگ طور ٿي آهي، جڏهن ته 2 ڄڻا علي رضا ۽ مجاهد گوپانگ زخمي ٿي پيا. متاثر ڌر مقتول جو لاش ايس پي چوڪ تي رکي ڌرڻو هنيو ۽ ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.