دهشتگردي تي جيڪا پروپيگنڊا ڀارت ڪري رهيو هو، ساڳيو ڪم هڪ سياسي پارٽي به ڪري رهي هئي: راڻا ثناءُالله

 وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته افغانستان جي عوام پاڪستان سان گڏ آهي پر حڪومت نه، دهشتگردي تي جيڪا پروپيگنڊا ڀارت ڪري رهيو هو ساڳيو ڪم هڪ سياسي پارٽي به ڪري رهي هئي. وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته دهشتگرد ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، دهشتگردي جي واقعن جو ڪوبه جواز نٿو ڏئي سگهي، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را ملوث آهي. هن چيو ته اهي مختلف گروپ آهن جن جا پاڻ ۾ خيال نٿا ملن، ڀارتي ايجنسي را سمورن دهشتگردن کي گڏ ڪرڻ واري آهي، ڀارتي ايجنسي را دهشتگرد تنظيمن جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. راڻا ثناءُالله چيو ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي دهشتگردن کي فنڊنگ ۽ هٿيار به ڏئي رهي آهي جڏهن ته افغانستان جي حڪومت هڪ پراڪسي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ افغان حڪومت دهستگردن کي سهولتون ڏئي رهي آهي. پاڪستان افغان پناهگيرن جي سالن کان مدد ڪئي ۽ افغانستان جي عوام پاڪستان سان گڏ آهي پر حڪومت نه افغانستان دهشتگردن کي سهولتون ڏنيون آهن. هن چيو ته دهشتگرد افغانستان ۾ تياري ڪري پوءِ پاڪستان ۾ ڪارروائي ڪندا آهن. دهشتگردي جي واقعي سان گڏ ئي ڀارتي ميڊيا پروپيگنڊا شروع ڪري ڇڏيو. وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار چيو ته جيڪا پروپيگنڊا ڀارت ڪري رهيو هو اها هڪ سياسي پارٽي به ڪري رهي هئي، افسوس سان هڪ سياسي پارٽي جو سوشل ميڊيا  به ڀارتي ميڊيا سان گڏ شروع ٿي ويو، پاڪ فوج آپريشن شروع ڪيو ۽ ڪجهه ڪلاڪن ۾ سمورا دهشتگرد مارجي ويا. هن چيو ته  دهشتگردي جي خلاف سموري دنيا متفق آهي ۽ سموري قوم کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي سموري قوم کي پنهنجن شهيدن ۽ غازين سان گڏ بيهڻ گهرجي، گڏجي ئي دهشتگردي جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ گرينڊ آپريشن جون صرف ڳالهيون آهن بلوچستان ۾ گرينڊ آپريشن جي ڪابه ضرورت نه آهي.