دوداپور ڀرسان ڪارنهن معاملي تان هٿياربندن جي فائرنگ، عورت سميت 3 ڄڻا قتل، هڪ زخمي

دوداپور شهر ۾ صبح سوير نامعلوم هٿياربندن مال پڙي ڏانهن ايندڙ واپارين تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا قتل جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. هٿياربندن ڳوٺ نثار ڪٽوهر ۾ حاجران زال عابد ڪٽوهر کي به فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو دودا پور شهر ڪار اسٽينڊ ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار نامعلوم هٿياربندن چوپائي مال جي واپارين مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ رحم علي عرف بابو لهر بروهي ۽ امين ڪٽوهر ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته محرم ڪٽوهر زخمي ٿي پيو، هٿياربندن پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ نثار ڪٽوهر ۾ فائرنگ ڪري عورت حاجرا زال عابد ڪٽوهر کي به قتل ڪري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ هٿياربند فائرنگ ڪندا آساني سان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا اهڙي اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس پهچي فوتين جي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال ڳڙهي خيرو منتقل ڪيا. جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي سندن گهر ۾ قهرام مچي ويو. پوليس موجب واقعو ڪارنهن معاملي تان پيش آيو آهي. وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.