راولا ڪوٽ جيل مان فرار ٿيندڙ وڌيڪ 2 قيدي گرفتار، انگ 6 ٿي ويو

 آزاد ڪشمير جي ضلعي پونڇ جي ڊسٽرڪٽ جيل راولا ڪوٽ مان فرار ٿيندڙ وڌيڪ 2 قيدين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي موجب قيدين کي راولپنڊي ويندي گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب راولا ڪوٽ مان فرار 19 قيدين مان هينئر تائين 6 کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي ياد رهي ته 30 جون تي آزاد ڪشمير جي ڊسٽرڪٽ جيل راولاڪوٽ ٽوڙي وئي هئي جنهن ۾ ڀارت کي گهربل قيدين سميت 20 قيدي فرار ٿي ويا هئا جڏهن ته هڪ مارجي ويو هو. واقعي کان پوءِ جيل جي عملي کي معطل ڪري 3 اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو هو.