راولپنڊي ۾ تيز برسات: گهٽيون، روڊ تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا، پاڻي گهرن ۾ داخل، ڪاروبار، زندگي مفلوج

جاڙن شهرن ۾ تيز برسات سبب لئي نالي جي سطح تيزي سان وڌڻ لڳي جنهن کان پوءِ لاڳاپيل ادارن ۽ آبادين جي لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي موجب سيدپور تي 65 ملي ميٽر، گولڙه تي 51 ملي ميٽر، پي بوڪڙه، 110 ملي ميٽر برسات پئجي چڪي آهي. اهڙي طرح ڪچهري جي علائقي ۾ 94 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ لئي نالي ۾ پاڻي جي سطح ڪٽاريان تي 10 فٽ ۽ گوالمنڊي تي 9.5 فٽ ٿي چڪي آهي جنهن کان پوءِ گوالمنڊي واري هنڌ پي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي راولپنڊي جي مختلف علائقن ۾ برسات جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، ڪيترن ئي هنڌن تي گهرن اندر ڪيترائي فٽ پاڻي جمع ٿي ويو آهي. راولپنڊي جي شاني وليج، ٽينچ بهانه، پيپلز ڪالوني ۾ روڊ تلاءَ جو منظر پيش ڪري رهيا آهن جڏهن ته  علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. جڏهن ته راولپنڊي جي علائقي فوجي ڪالوني ۾ برسات دوران هڪ گهر ڪري پيو، واقعي جي اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ٽيمن کي واقعي واري هنڌ اماڻيو ويو، گهر نالي جي ڪناري تي ٺاهيو ويو هو جيڪو امڪاني طور تي تيز برسات سبب ڪري پيو آهي، ريسڪيو 1122 موجب خوشقسمتي سان گهر تي ڪوبه ماڻهو موجود نه هجڻ سبب جاني نقصان نه ٿيو. شهر جي اندر جون سموريون گهٽيون به تلاءُ جو منظر پيش ڪرڻ لڳيون آهن. 3 ڏينهن جي لاڳيتو برسات ۾ واسا ۽ ڪنٽونمينٽ بورڊ مڪمل ناڪام ٿي ويو، پاڻي جي نيڪالي جا ڪينٽ بورڊ ۽ واسا جا دعويٰ ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويا. ڪنٽونيمنٽ ۽ شهر جي سموريون گهٽيون تلاءَ جي شڪل اختيار ڪري چڪيون آهن. شهر جا مک روڊ، مريز چوڪ، مري روڊ، لياقت باغ، مال روڊ، صدر بازار به تلاءَ ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، شهر جون سموريون ڪاروباري، واپاري سرگرميون مفلوج ۽ ٽريفڪ جو نظام مڪمل جام ٿي چڪو آهي، شهر جون سموريون ڪاروباري، واپاري سرگرميون مفلوج ۽ ٽريفڪ نظام مڪمل جام ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ٽريفڪ وارڊنز به غائب آهن موچي بازار، موري بازار، صادق آباد، چوڪ ۾ دوڪانن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو. هوڏانهن درياءَ سوان ڪناري، شارون ڪالوني ۽ ڪينٽ جان ڪالوني گهرن ۾ 3-3 فٽ پاڻي اچي ويو، جنهن سبب شهرين جو ڪروڙين روپين جي ماليت جو گهريلو قيمتي سامان تباهه ٿي ويو، هيٺاهين وارن علائقن جي رهواسين عارضي لڏ پلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. مئنيجنگ ڊائريڪٽر واسا محمد سليم اشرف چيو آهي ته لئي نالي جي ڪيچمنٽ ايريا ۾ برسات تيز پئجي رهي آهي. ان حوالي سان واسا راولپنڊي هاءِ الرٽ آهي ۽ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، پاڻي جي نيڪالي لاءِ هيوي مشينري ۽ عملو هيٺاهين وارن علائقن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته لئي نالي جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي، پر هاڻ لئي نالي ۾ پاڻي جا وهڪرا معمول موجب آهن ۽ اسان ڪنهن به قسم جي ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون.