راڻا ثناءُالله انٽرنيٽ بحال نه ڪيو ته سموريون وڊيوز جاري ڪري ڇڏيندس: حريم شاهه جي ڌمڪي

لاهور: ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه گهرو وزير راڻا ثناءُالله کي انٽرنيٽ بحال نه ڪرڻ تي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. حريم شاهه پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر بينڊل ٽوئيٽ ڪئي آهي جنهن ۾ هن راڻا ثناءُالله کي انٽرنيٽ بحال ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو آهي.حريم پنهنجي ٽوئيٽ راڻا ثناءُالله کي ٽيگ ڪندي لکيو ته جيڪڏهن راڻا ثناءُالله اڄ رات تائين انٽرنيٽ بحال نه ڪيو ته مان سندس سموريون وڊيوز جاري ڪري ڇڏيندس.حريم شاهه پاران ڪيل ڌمڪي واري ٽوئيٽ کان پوءِ سندس نالو ٽوئٽر تي ٽاپ ٽرينڊز ۾ شامل ٿي ويو آهي. صارفين طرفان ان تي تبصرا ڪيا پيا وڃن. ڪيترن ئي صارفين ٽڪ ٽاڪر کي مشورو ڏنو آهي ته هو وڊيوز جاري ڪري ڇڏي جڏهن ته ڪيترن ئي حيرت جو اظهار ڪيو ته حريم شاهه وٽ راڻا ثناءُالله جون به وڊيوز موجود آهن، اها گهرو وزير لاءِ فڪر جوڳي ڳالهه آهي.ياد رهي ته پنجاب جي گهرو وزارت جي حڪم تي پي ٽي آءِ سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي آهي جنهن تي عوام کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.