راڻا ثناءُالله سان ڳالهين کان پوءِ يوٽيليٽي اسٽور جي ملازمن ڊي چوڪ تي لڳايل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو آهي. ڌرڻو ٻيهر يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي هيڊ آفيس منتقل ڪيو ويو. احتجاجي ملازمن جو چوڻ هو ته ايندڙ سومر تائين مطالبا نه مڃيا ويا ته هو ٻيهر چوڪ تي ڌرڻو هڻندا. وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله يوٽيليٽي اسٽورز جي ملازمن جي ڳالهين واري ڪميٽي سان ملاقات ڪئي هئي. راڻا ثناءُالله ڳالهين واري ڪميٽي کان سومر تائين جو وقت گهريو هو ڇو ته لاڳاپيل وزير ڀاءُ جي لاڏاڻي سبب اسلام آباد ۾ موجود نه آهي. راڻا ثناءُالله سان ملاقات کان پوءِ اهم اڳڀرائي ٿي ۽ ملازمن ڌرڻو ڊي چوڪ کان يوٽيلٽي اسٽورز هيڊ آفيس جي ٻاهران منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڌرڻو هڻندڙ جي اڳواڻن چيو ته راڻا ثناءُالله جي درخواست تي 4 ڏينهن جي لاءِ ڌرڻو هيڊ آفيس منتقل ڪري رهيا آهيون، هن يقين ڏياريو آهي ته لاڳاپيل وفاقي وزير سومر تي واپس ايندو. اسان ڌرڻو ختم نه پر پنهنجي هيڊ آفيس ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهيون. ٻئي طرف وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته يوٽيليٽي اسٽورز جا ملازم بيروزگار نه رهندا انهن کي ٻين کاتن ۾ نوڪريون ڏنيون وينديون.