تفصيلن موجب، راولپنڊي جي دهشتگردي جي روڪٿام واري عدالت 26 نومبر تي ٿيل احتجاج واري ڪيس ۾ پيشي نه ٿيڻ تي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي 18 اڳواڻن جا ناقابلِ ضمانت وارنٽ گرفتاري جاري ڪري ڇڏيا آهن جج امجد علي شاهه جي عدالت ۾ ٿاڻي واھ ڪينٽ جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران، پراسيڪيوشن ٽيم جي درخواست تي اهي وارنٽ جاري ڪيا ويا۔ عدالت حڪم ڏنو آهي ته سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري 8 آگسٽ تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي جن ماڻهن جا ناقابلِ ضمانت وارنٽ جاري ٿيا آهن، تن ۾ عليمه خانم، علي امين گنڊاپور، شيخ وقاص اڪرم، ڪنول شوزب، سردار منصور سليم، زبير خان نيازي، اجمل صابر، عامر مغل ۽ ٻيا شامل آهن پراسيڪيوشن ٽيم مطابق، نامزد جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءِ روپوش ٿي ويا آهن۔ عدالت جاچ آفيسر کي به هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي مڪمل رڪارڊ سان عدالت ۾ پيش ٿئي ياد رهي ته 26 نومبر تي ٿيل احتجاج دوران مختلف شقن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اشتعال انگيزي، امن ۾ خلل، ۽ پوليس سان مزاحمت جا الزام شامل آهن۔