رپڙي: نافرمان پٽ ماني دير سان ڏيڻ تي جيجل ماءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

 رپڙي ڀرسان بھارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٽاڳڙو ۾ نافرمان پٽ سرمد عرف پپن ولد علي حسن پنھور مبينا ماني دير سان ڏيڻ سبب پنهنجي جيجل ماءُ 65 ورهين جي زرينا پنھور کي پسٽل جا فائر ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي ڪارروائي کان پوءِ جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته اطلاع تي بھارو پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏھن ته ماني دير سان ڏيڻ سبب پٽ پاران ماءُ کي قتل ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن وڌيڪ جاچ  ڪئي پئي وڃي.