“زاهده شيخ جي جدوجهد کي ڀيٽا: سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن جو سنڌ جي تحفظ ۽ عورتن جي جدوجهد لاءِ عزم”

سکر لڳ ڳوٺ حسين بخش جتوئي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي کاهوڙي ڪردار زاهده شيخ جي ستين ورسي ملهائي وئي. جنهن ۾ گيت، تقريرون ۽ ٽيبلوز ڪري سنڌ جي سورمي زاهده شيخ کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ورسي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ سکر جي صدر شمشاد ٻپڙ، نائب صدر ربينا ڀٽي، جنرل سيڪريٽري ريحانه بلوچ، نور بانو بروهي، ايس جي ايس ٽي اڳواڻ ايڊووڪيٽ حنا جتوئي، ماهنور لاڙڪ، عائشه لاڙڪ، ماهرنگ بلوچ، سنڌياڻي بلوچ، بينظير بلوچ، شهزور، صغرا، ماريا، صاحبه، مائره ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته زاهده شيخ لطيف جي کاهوڙي ڪردارن جو عڪس آهي. هوءَ سنڌ جي مظلوم عورتن جي اڳواڻ هئي، اسين زاهده شيخ جي جدوجھد کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا. هنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي سهڪار سان سنڌ مٿان هن وقت گهڻ طرفو حملو ڪيو ويو آهي. هڪڙي پاسي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن ته ٻئي طرف ڇهه نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ جو پاڻي روڪيو پيو وڃي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي عورتن کي وڏي انگ ۾ جدوجھد جي ميدان ۾ اچڻو پوندو. هنن چيو ته سنڌياڻي تحريڪ پھرئين ڏينهن کان وٺي سنڌو درياهه جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ هاڻي به جدوجهد جاري رکي ويندي.