اسلام آباد (خصوصي نمائندو): وفاقي گهرو وزارت ملڪ اندر ڊجيٽل دهشتگردي، آن لائن فراڊ ۽ غير قانوني سائبر نيٽ ورڪس خلاف سخت ڪارروائي لاءِ باضابطه طور تي ’نيشنل سائبر پوليس‘ قائم ڪرڻ ۽ اين سي سي آءِ اي (NCCIA) جي نئين جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
سرڪاري گزيٽ نوٽيفڪيشن موجب، سائبر پوليس اسٽيشنز سڄي ملڪ جي سمورن ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ قائم ڪيون وينديون، جتي جديد ڊجيٽل فارنزڪ ليبز ۽ تربيت يافته سائبر انويسٽيگيٽرز مقرر ٿيندا. شهري هاڻي پنهنجي ڊجيٽل فراڊ جون شڪايتون مقامي سائبر ٿاڻن تي فوري داخل ڪرائي سگهندا.
قانوني ماهرن موجب هن نئين پوليسنگ نظام سان آن لائن هراسمينٽ، فيڪ لنڪس ۽ بئنڪنگ ڌوڪيبازي تي ڪڙو ضابطو آندو ويندو.