منيلا/اسلام آباد (بين الاقوامي فنانس): ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) پاڪستان ۾ بنيادي شهري ڍانچي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ مالي اصلاحات جي ترقيءَ لاءِ 250 ملين ڊالر (25 ڪروڙ ڊالر) جي وڏي رعايتي پيڪيج جي حتمي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
اي ڊي بي پاران فلپائن جي هيڊڪوارٽر مان جاري ڪيل پڌرائي موجب، اهي فنڊ سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ روڊن، صاف پاڻي جي منصوبن ۽ موسمياتي تبديلين کان محفوظ اڏاوتن تي خرچ ڪيا ويندا. بئنڪ پاڪستان جي معاشي نظم ۽ بجيٽ خساري ۾ لاٿ واري ڪوششن جي واکاڻ ڪئي آهي.
وفاقي ناڻي واري وزارت پاران اي ڊي بي جي پٺڀرائيءَ کي ساراهيندي چيو ويو آهي ته هن سهڪار سان ترقياتي منصوبن کي تيزي ملندي.