سافڪو طرفان نئين سال جي تقريب ڪوٺائي وئي، ترقي ۽ جدت سان اڳتي وڌڻ جو عزم

سافڪو طرفان نئين سال 2025 جي تقريب ڪوٺائي ڪئي وئي، جنهن ۾ گروپ جي سربراهن، سماجي ڀلائي، تعليم، صحت، زراعت ۽ ڪاروبار سميت مختلف شعبن ۾ سافڪو جي ڪمن بابت جائزو ۽ نئين سال لاءِ پنهنجي طئه ڪيل مقصدن ۽ حدفن جو خاڪو پيش ڪيو.  سافڪو هيڊ آفيس حيدرآباد ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي سافڪو جي باني ۽ سرواڻ سليمان جي ابڙو چيو ته اسان ڪنهن به قسم جي ڪمتري يا برتريءَ واري احساس جو شڪار ناهيون، چاهيون ٿا ته ملڪي ۽ عالمي سطح تي وڌ کان وڌ ماڻهن جي خدمت ڪريون ۽ اسان جي علم ۽ تجربي مان ماڻهن جون جيڪي اميدون آهن انهن تي پورا لهون. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته نوجوان قيادت کي صلاحيتون مڃرائڻ جو موقعو ڏنو وڃي، نوجوانن وٽ جذبو ۽ سينئرن وٽ تجربو آهي، انهن ٻنهي کي گڏائي اڳتي وڌڻ سان ڪاميابي يقيني بنجي پوي ٿي، جنهن جو وڏو مثال توهان جي اڳيان سافڪو  آهي، جنهن جا ٽي ادارا ڏيهه پرڏيهه ۾ بحث هيٺ ايندا رهن ٿا ۽ ملڪي ۽ بين الاقوامي آواز ۾ سافڪو آواز به شامل ٿئي ٿو. هن چيو ته بين الاقوامي ادار سافڪو جي تعريف ٻڌي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا، اهو اعتماد غربت ۾ پيڙيل طبقن ۽ ڏورانهن علائقن جي ماڻهن جي خدمت توڙي ملڪي معيشت جي مرڪزي ڌارا ۾ سافڪو جي اهم ڪردار جو نتيجو آهي، جنهن تي اسان سڀن کي فخر ڪرڻ گھرجي. اسان توانائي، انشورنس ۽ ٻين شعبن جي حوالي سان پڻ جلد ماڻهن کي وڏي خوشخبري ٻڌائينداسين ۽ ماڻهن جا اهنج گھٽائڻ لاءِ لاڳاپيل شعبن ۾ نوان ادارا قائم ڪنداسين.   تقريب کي خطاب ڪندي سافڪو جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه چيو ته هر نئون ايندڙ ڏينهن هڪ چئلينج آهي، ۽ اهو چئلينج موقعو آهي، سال ۾ 360 موقعا ملن ٿا. هن ٻڌايو ته ’سافڪو مائيڪرو انشورنس‘، ’سافڪو مائيڪرو سيونگ‘ ۽ سافڪو سولر ڪمپنيءَ تي ڪم جاري آهي. 2024ع ۾ سافڪو جي ٽنهي ادارن جي ڪارڪردگي بهتر رهي، جيڪي به ڏکيائيون ۽ ڪمزوريون نظر آيون انهن کي ختم ڪري نئين سال 2025ع کي وڌيڪ ڪاميابين جو سال بنائي سگھون ٿا. ان کان اڳ سافڪو سپورٽ فائونڊيشن جي سي اي او بشير احمد ابڙو چيو ته اسان ٽي لک ماڻهن کي گھر ٺهرائي ڏئي رهيا آهيون. اسان تاريخي ڪم اهو به ڪيو آهي ته مردن سان گڏ عورتن کي به اوساري جي تربيت ڏئي تيار ڪيو آهي. جلد هزارين گھرن کي سولر سسٽم ڏينداسين. اهڙي طرح صحت جي سار سنڀال سميت ماڻهن جي گھرجن مطابق ٻيا به پراجيڪٽ آهن، جن تي ڪم جاري آهي. ان کان اڳ سترام سوٽهڙ، رميز اقبال ميمڻ، جئه پرڪاش، هريش ڪمار، مصطفيٰ راڄپر، حبيب الله خلجي، مير اسد، معشوق علي قريشي، شاهه زيب، سعديه ٽالپر، اقرا شعيب، ابصار ابڙو، محمد فهد، زيد بشير ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.  آخر ۾ نئين سال جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو.