سافڪو پنهنجي مالياتي خدمتن جو دائرو ڪورنگي ڪراچيءَ تائين وڌائي ڇڏيو. لانڍيءَ ۾ برانچ جو افتتاح ڪري شهرين ۾ ڪاروبار وڌائڻ لاءِ مالياتي سهڪار جا چيڪ ورهايا ويا. سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپني جي باني صدر ۽ سي اي او سليمان جي ابڙو، مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه ۽ بزنس آپريشن هيڊ بشير احمد ابرڙو لانڍي ۾ ايس ايم سي ايل برانچ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي سليمان جي ابڙي چيو ته سافڪو پاران ڊجيٽلائيزيشن ذريعي تيزيءَ سان مالياتي خدمتون فراهم ڪرڻ سان ڪاروبارن کي هٿي ملي ٿي، جنهن سان ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي اچي رهي آهي، جيڪو سافڪو جي بنيادي مقصد جو روح آهي. هن چيو ته سافڪو ٻهراڙين سان گڏ شهري علائقن ۾ به پنهنجون خدمتون وڌائڻ شروع ڪيون آهن. تقريب کي خطاب ڪندي سيد سجاد علي شاهه چيو ته اڄ ڪراچي شهر ۾ ٽئين برانچ قائم ٿي آهي، جڏهن ته پوري سنڌ ۾ 68 برانچ قائم ٿي چڪيون آهن، جن سان ڪاروبار جي شعبي ۾ ماڻهن جي شموليت وڌي آهي ۽ معاشري تي ان جا اثر نمايان نظر اچڻ لڳا آهن. ان موقعي تي سافڪو جي مالياتي خدمتن مان فائدو وٺندڙن ۾ چيڪ پڻ ورهايا ويا.