سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جو خطرو ٽري ويو، طوفان جي خطري کي نظر ۾ رکندي ڪيٽي بندر، بدين ۽ سجاول جي سامونڊي علائقن مان لڏ پلاڻ ڪندڙن جي گهرن ڏانهن واپسي شروع ٿي وئي آهي. متاثرين پنهنجي گهرن جي تعمير ٻيهر شروع ڪري ڇڏي آهي.ٺٽي جي اسسٽنٽ ڪمشنر موجب ڪيٽي بندر سميت ٻين علائقن مان 23 هزار ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري ويا هئا جن لاءِ 11 ريليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون هيون. هن ٻڌايو ته ڪيٽي بندر ۾ زندگي معمول تي اچڻ شروع ٿي وئي آهي. جلد ئي مهاڻن کي شڪار جي به اجازت ڏني ويندي.اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته سامونڊي طوفان ٽرڻ کان پوءِ ريليف ڪيمپن ۾ رهندڙ ماڻهن جي واپسي لاءِ انتظاميه ٽرانسپورٽ جو انتظام ڪري رهي آهي. هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر سجاول چيو آهي ته ضلعي سجاول جي سامونڊي علائقن مان لڏ پلاڻ ڪندڙ ماڻهو واپس پنهنجن گهرن ڏانهن اچڻ شروع ٿي ويا آهن. مختلف ڪيمپن ۾ 16 هزار ماڻهن کي اڄ پنهنجن پنهنجن علائقن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو.ڊپٽي ڪمشنر بدين موجب ريليف ڪيمپس ۾ موجود 14 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي راشن ڏئي گهرن ڏانهن واپس ڪيو ويندو. متاثرين جي نقصان جو اندازو لڳائڻ لاءِ سروي به ڪيو ويندو