سانگهڙ چوٽياريون سانحي ۾ شهيد ٿي ويل جي وارثن جو ضلعي انتظاميه پوليس سان ڳالهين بعد شهيد جي وارثن پاران لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر علي هنگورجو ڌرڻي واري هنڌ پهڇي پريس ڪانفر ڪندي چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم تي ڪيس داخل ٿيو آهي، ڪيس ۾ 29 ڄڻن تي دهشتگردي ايڪٽ لڳايا ويا آهن ۽ 10 نامعلومن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. FIR فريادي فداحسين جوڻيجو جي فرياد تي وڏيري عطاالله جوڻيجو، علي حسن جوڻيجو، اسد جوڻيجو، امام الدين ملاح، اوڀايو راڄڙ، خميسو راڄڙ، بابو ڪيريو، ايس ايڇ او چوٽياريون غلام محمد سهتو، جانو لانڊر سميت 29 ڄڻن تي 302.324 ، اي ٽي سي جا قلم لڳايا ويا ۔رات جو 12بجي ڌرڻي ۾ پيپلزپارٽي ضلع سانگهڙ جوصدر ايم پي اي علي حسن هنڱورجو، اڳوڻو ايم اين اي نويد ڏيرو، ڊي سي سانگهڙ عمران حسن خواجه ڌرڻي هنڌ پهچي ڌرڻو ختم ڪرايو پيپلز پارٽي ضلعي صدر علي حسن هنگورجو پريس ڪانفرنس دوران صحافين کي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته واقعي واري ڏينهن ايم اين اي علاوالدين جوڻيجو اسلام آباد هو، تنهن تي هن جو نالو ايف آر ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي ايف آر شهيد جي وارثن جي مرضي مطابق ٿي آهي هن وڌيڪ چيو ته چوٽياريون سانعي جي ۔شهيدن جي مدد ڪئي ويندي ۽ سنڌ حڪومت انهن جي مدد ڪندي، واضع رهي ته چوٽياريون سانحي جي مقتولن جي وارثن ايم اين اي علاو الدين جوڻيجو جو نالو آيف آر ۾ درج ڪرڻ لاء زور ڀريو ايف آر ۽ مسلسل چار ڏينهن مقتولن جا لاش پريس ڪلب آڏو رکيا ويا هئا جنهن تي اڄ مقتولن جي وارثن جو پوليس سان ڳالهين بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي جنهن تي ٽن مقتولن جي مڙهه ايمبولنس جي ذريعي ڳوٺ جاني جوڻيجو کڻائي ويا جتي نمازي جنازي بعد کين مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو واضع رهي ته چار ڏينهن اڳ زمين جي تڪرار تان جوڻيجا برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽي ڄڻا قتل ٿي ويا هئا 20 ڄڻا زخمي ٿيا هئا