سانگهڙ ۾ فصل جي ڀيل تان هٿياربندن هٿان قتل ٿيل جي وارثن طرفان پريس ڪلب آڏو لاش رکي ڌرڻو

 گذريل ڏينهن سانگهڙ ڀرسان ڳوٺ جاني جوڻيجو فصل جي ڀيل تان جوڻيجا برادري هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل ٽن ڳوٺاڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي فوتين جي وارثن پاران گذريل ڏينهن کان ٽنهي فوتين  جا مڙهه ميرپور چوڪ پريس ڪلب آڏو رکي ڌرڻو جاري آهي، ڌرڻي ۾ وڏي تعداد ۾ فوتين جا وارث جنهن ۾ مرد عورتون ۽ معصوم ٻار پڻ  شامل آهن. ڌرڻي ۾ شريڪ فوتين جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي ٽن ڳڀرو نوجوانن کان بيدري سان قتل ڪيو ويو آهي جنهن واقعي 24 ڪلاڪ گذري چڪا آهين پر افسوس ايس ايس پي سانگهڙ اصل قاتلن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاء تيار نه آهي نه وري کين جوابدار گرفتار  ڪيا آهين  هنن جو وڌيڪ چوڻ ته اسان جي ٽن ڄڻن جا مڙه سخت سيء پريس ڪلب آڏو پيل آهين پر ايس ايس پي سانگهڙ آفيس مان نڪرڻ لاء تيار نه آهي. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوڻيجا برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمين مان ڇھن ماڻهن انهتائي سيرس حالت هجڻ باوجود به اسان انصاف لاء ضلعي انتظاميه پاران ڪير به نه آيو آهي نه وري کي ڳالهين لاء پهتو آهي واضع رهي ته اڄ ٻي ڏينهن به چوٽياريون جي سانعي تي ڪاروباري دوڪاندارن پاران  سانگهڙ ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال ڪئي وئي آهي  هوڏانهن ڌرڻي ۾ شريڪ فوتين وارثن موجب ته جيسي تائين ايس ايس پي سانگهڙ اصل قاتل گرفتار نه ڪندو تيسيتائين ڌرڻو جاري رهندو هوڏانهن ڌرڻي سبب سانگهڙ وايه ميرپور خاص روڊ ٽرئفڪ لاء بند ڪيو ويو آهي  واضع رهي ته گذريل ڏينهن چوٽياريون ڀرسان ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ فصل جي ڀيل تان جوڻيجو برادري هٿياربندن ڳوٺ تي هٿيارن سان حملو ڪيو ويو جنهن تي فائرنگ ۾ ٽي ڳوٺاڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا هئا جڏهين 20 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا پڻ زخمي ٿي پيا هئا جنن زخمين مرد عورتون ۽ ننڊا ٻار پڻ شامل آهين جڏهين ته ڌرڻو گذريل ڏينهن کان وٺي هن وقت تائين جاري آهي