سجاول: پولينڊ جي سياح جوڙي کان ڦر ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار، موبائل فون هٿ

 سجاول ۾ پرڏيهي سياح جوڙي کان ڦر ۾ ملوث ٻن ڄڻن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب جوابدارن سجاول باءِ پاس تي پنج ڏينهن اڳ پرڏيهي سياح جوڙي کان هٿيارن جي زور تي ڦر ڪئي هئي. ايس ايس پي سجاول چيو آهي ته پرڏيهي سياح جوڙي کان ڦر ڪندڙ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدارن کان  2 موبائيل فون به هٿ ڪيا ويا آهن.ايس ايس پي سجاول موجب ڦر واقعي ۾ ملوث هڪ ٻيو جوابدار مفرور آهي جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد کيس به گرفتار ڪيو ويندو.ياد رهي ته گذريل ڏينهن پرڏيهي سياح جوڙو  سائيڪل تي 190 ملڪن جي دوري کان پوءِ سنڌ جا سياحتي هنڌ ڏسڻ لاءِ پهتو هو جنهن کان هٿيارن جي زور تي ڦر ڪئي وئي هئي.