آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ايندڙ هڪ يا ڏيڍ مهيني ۾ 1 ٽريلين ڊالر جي واپاري معاهدي لاءِ سعودي عرب جو دورو ڪندو. وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته هن سعودي عرب کي آڇ ڪئي هئي ته جيڪڏهن هو آمريڪي ڪمپنين ۾ هڪ ٽريلين ڊالر (هڪ هزار ارب ڊالر) سيڙپڪاري ڪري ته هو دورو ڪندو. هن دعويٰ ڪئي ته سعودي عرب ان ڳالهه تي راضي ٿي ويو آهي ۽ آمريڪي ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ وارو آهي، ان ڪري هو امڪاني طور تي ڏيڍ مهيني اندر سعودي عرب ويندو. ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته سعودي عرب سان سٺا لاڳاپا آهن ۽ هو آمريڪا کان فوجي سامان سميت ٻين شين جي خريداري تي وڏي رقم خرچ ڪرڻ وارو آهي.