تفصيل موجب سماجي تنظيم الخدمت فائونڊيشن طرفان ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي جي مختلف علائقن کان آيل 150 غريب گھراڻن ۾ راشن تقسيم ڪيو ويو.ان موقعي تي ڳالهائيندي جماعت اسلامي ضلع ڪشمور جي امير غلام مصطفي ميراڻي چيو ته هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۾ جڏهن غريبن جي خريداري جي قوت جواب ڏيئي چڪي آھي اهڙي وقت ۾ الخدمت طرفان غريبن ۾ راشن تقسيم ڪرڻ قابل تحسين قدم آھي.ان موقعي تي الخدمت جي ضلعي صدر حافظ عمر فاروق چنا چيو ته الخدمت جي نزديڪ انسانيت جي خدمت هڪ عبادت آھي ۽ اسين بنا ڪنهن مقصد جي خدمت انسانيت جو عظيم فريضو سرانجام ڏيئي رهيا آھيون.ان موقعي تي الخدمت فائونڊيشن ضلع ڪشمور جو سيڪريٽري جنرل ايڊووڪيٽ عبيدالله بلوچ،سيڪريٽري اطلاعات ايڊووڪيٽ طالب حسين سبزوئي،الياس نور چنا ۽ ٻيا ذميدارن ۽ رضاڪارن پڻ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنا