سموري ملڪ جي 15 ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجز طرفان شاگردن کي غيرقانوني طور تي داخلا ڏيڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي. وفاقي وزارت جي اختيارين موجب 1200 کان وڌيڪ شاگرد اهڙن 15 ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجز ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. پي ايم ڊي سي اهڙن 15 ميڊيڪل ڪاليجز کي گذريل سال داخلا ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو هو اختيارين ٻڌايو ته پي ايم ڊي سي جي آگاهي باوجود ميڊيڪل ڪاليجز شاگردن کي غيرقانوني داخلائون ڏنيون. 15 ميڊيڪل ڪاليجز کي گذريل پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن غيرقانوني طور تي جزوي منظور ڪيو هو جڏهن ته 15 ميڊيڪل ڪاليجز فيس ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ شاگردن کان هڪ ارب کان وڌيڪ وصول ڪري چڪا آهن. اختيارين موجب اهڙن ڪاليجز ۾ ڪراچي، سانگهڙ، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ پشاور جا ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجز شامل آهن. جڏهن ته 18 ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليج جي حوالي سان ايف آءِ اي طرفان جاچ ڪئي پئي وڃي.