پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڪارڪنن خلاف اسلام آباد جي شهزاد ٽائون ٿاڻي ۾ 14 آگسٽ تي احتجاج ۽ ڌرڻو هڻڻ جي منصوبه بندي ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پوليس جي رپورٽ موجب، هڪ هوٽل ۾ لڳ ڀڳ 40 پي ٽي آءِ ڪارڪن احتجاج بابت پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي پوليس اتي ڇاپو هنيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارڪنن وٽ جهنڊا ۽ بينر هئا ۽ هو اشتعال انگيز نعريبازي ڪري رهيا هئا ڪيس جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪن 14 آگسٽ تي ڌرڻو هڻڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. پوليس جي اچڻ تي هنن مزاحمت ڪئي ۽ پوليس تي حملو به ڪيو. هن ڪيس ۾ امن عامه ۽ ٻين قانوني ڌارائن سميت ڪل 8 قلم شامل ڪيا ويا آهن.