“سنڌو درياهه تي غيرقانوني ڪئنالن خلاف سنڌياڻي تحريڪ جو احتجاج ۽ ريلي جو اعلان”

 ٽن ون ڊي ميچز جي سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي 35 رنسن تان شڪست ڏئي وائٽ واش ڪري ڇڏيو. سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي ڏکڻ آفريقا کي کٽڻ جي لاءِ 308 رنسن جو حدف ڏنو هو جنهن جي تعاقب ۾ ڏکڻ آفريا جي ٽيم 271 رنسون ٺاهي 42هين اوور ۾ آل آئوٽ ٿي وئي. جوهانسبرگ ۾ کيڏيل ميچ ۾ برسات سبب ٽاس دير جو شڪار ٿيو. برسات رڪجڻ کان پوءِ ٽاس ٿيو ته ڏکڻ آفريقي ڪپتان ٽاس کٽي مهمان ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ميچ شروع ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر برسات سبب ميچ روڪڻو پيو ۽ 3 اوورز گهٽ ڪيا ويا. قومي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي صائم ايوب جي شاندار سينچري سبب مقرر 47 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 308 رنسون ٺاهيون. اننگز دير سان شروع ٿيڻ تي پاڪستان جي هڪ گهٽ ٿي وئي ۽ ڏکڻ آفريقا کي 308 رنسن جو حدف مليو. اوپنر صائم ايوب 101 رنسن جي اننگز کيڏي، صائم ايوب سينچري 91 بالن تي ٺاهي انهي جي اننگ ۾ 13 چوڪا ۽ 2 ڇڪا شامل هئا. انهي کان علاوه ڪپتان محمد رضوان 53 ۽ بابر اعظم 52 رنسون ٺاهيون. نائب ڪپتان سلمان آغا 48 ۽ طيب طاهر 28 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ميزبان ٽيم طرفان رابادا 3، مارڪوينسين ۽ فوٽيون 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. پاڪستان طرفان سنفيان مقيم پنهنجي 8 اوورز ۾ 52 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون. شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. جڏهن ته صائم ايوب ۽ محمد حسين جي حصي ۾ 1-1 وڪيٽ آئي.