پريالوءِ (رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت پريالوءِ جي دستوري گڏجاڻي نئين ٽهيءَ جي شاعر سعيد سنڌيءَ جي صدارت ۾ ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ استاد ڪندن لال، سجاد ميراڻي، بلال صابر، اسد بلوچ، ڏنل زخمي، سميع سجاد، وحيد ميمڻ، ڪانتيش ڌوميجا ۽ ٻين پنهنجون لکڻيون پيش ڪيون. لکڻين تي ڳالهائيندي ناليواري شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي اڳوڻي آڊيٽر سجاد ميراڻيءَ چيو ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي، جيڪو سنڌ ڌرتيءَ جي ماڻهن جو ديرينه مطالبو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌي اها ٻولي آهي، جنهن کي ڪائنات جي ڪارڻي حضرت محمد ﷺ ساراهيو آهي.صدارتي راءِ ڏيندي بلال صابر چيو ته سنڌي اها ٻولي آهي، جيڪا پنهنجي منفرد الفابيٽ رکي ٿي ۽ جيڪا دنيا جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ٻولي آهي.گڏجاڻي کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ، اجرڪ تي لکيل الفابيٽ جي تختي کڻي، احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.