سنڌ جو ناليوارو اداڪار ڊائريڪٽر استاد ايم ايم بلوچ وڏو عرصو بيمار رھڻ کان پوء 90 ورھين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو فن جي دنيا کي 50 سال ارپيندڙ محمد موريل بلوچ المعروف ايم ايم بلوچ اسٽيج ڊرامن کي منفرد ڪردار سان گڏ ڊائريڪشن پڻ ڪئي ايم ايم بلوچ سنڌي چينلن جي ڪيترن ئي ڊرامن ۽ فلمن پڻ اھم ڪردار ادا ڪيا پاڻ پي ٽي وي تي پڻ سنڌي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو هن اداڪاري ۽ ڊائريڪشن ۾ ڪيترائي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا ايم ايم بلوچ جا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا ٿيا جن سڄي دنيا ۾ پاڻ ملھايو ايم ايم بلوچ اڍائي سال بيمار رھڻ بعد اڄ حيدرآباد جي نجي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو ايم ايم بلوچ جي مڙھ کي مانجھند ڀرسان ڳوٺ علي آباد ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي.