ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو اصل نالو الله بخش انصاري هو جيڪو 25 ڊسمبر 1956ع تي بدين جي ڳوٺ ابل وسي ۾ ڄائو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم بدين مان حاصل ڪئي ۽ 1984ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪاليج جي زماني کان ئي، هو قومي ۽ ترقي پسند شاعر طور مشهور ٿيو ۽ کاٻي ڌر جي سياست ۾ سرگرم رهيو، جتي عوامي تحريڪ ۾ 15 سال ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جنرل طور خدمتون سرانجام ڏنائين. ضياءَ الحق جي مارشل لا دوران، قومي ۽ انقلابي شاعري ڪرڻ جي ڪري کيس جيل به وڃڻو پيو. بعد ۾، 1995ع ۾، هن صحافت ۾ قدم رکيو ۽ روزاني ‘سوال’ اخبار جاري ڪئي، جتي پاڻ چيف ايڊيٽر ۽ حسن درس ايڊيٽر هئا. 2002ع ۾، ڊاڪٽر آڪاش رورل ڊولپمينٽ ۾ ايم اي ڪئي ۽ 2004ع ۾ ايسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا مان جديد تعليمي سرشتن ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو. هن بدين جي ساحلي علائقي ۾ تعليم ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ ‘بدين رورل ڊيولپمينٽ’ نالي سماجي تنظيم قائم ڪئي، جنهن ذريعي جديد اسڪولن جو قيام عمل ۾ آيو. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ‘ڪيئن رهان جلاوطن’ ۽ ‘اڌورا اڌورا’ شايع ٿي چڪا آهن، جن مان چونڊ نظمن جو انگريزي ترجمو ‘An Elegy for the Brave Hearts of Tomorrow’ جي عنوان سان 2021ع ۾ ڊاڪٽر سحر گل ڪيو آهي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري اڄ 15 فيبروري 2025 تي گذاري ويو. سندس موت تي سڄي سنڌ سوڳوار آھي.