سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات جو وسڪارو، موسم خوشگوار، گرمي جو زور ٽٽي پيو

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو وسڪارو گرمي جو زور ٽٽي پيو، موسم خوشگوار ٿي وئي. حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو وسڪارو ٿيو آهي، بدين ۾ سڄو ڏينهن جي سخت گرمي کان پوءِ بدين ۾ به بادل برسي پيا ڪٿي تيز ته ڪٿي وري هلڪي برسات پوڻ کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. برسات شروع ٿيندي بجلي جو نظام ڌرهم برهم ٿي ويو. اُڏيرو لال ۽ ان جي آسپاس واري علائقن ۾ تيز ھوائن کان پوءِ ھلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو جاري برسات کان پوءِ گرمي جو زور ٽُٽي ويو. ميرواهه گورچاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سخت گرمي کانپوءِ وقفي وقفي سان هلڪي بوندا باندي جو سلسلو  جاري آهي، برسات پوڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار ٿي وئي. تلهار پيرو لاشاري، چانري، راڄوخاناڻي سميت مختلف علائقن ۾ برسات جو زوردار وسڪارو، برسات جي وسڪاري سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم  خوشگوار، برسات جي وسڪاري سبب نظام زندگي مفلوج بڻجي ويئي، هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. نيو سعيد آباد ۾ تيز هوا سان برسات جو وسڪارو، مٽي جي تيز طوفان سبب گهر جي ديوار ڪرڻ سبب 13 ورهين جو نينگر مٽيءَ جي ملبي ۾هيٺان اچي دٻجي فوت ٿي ويو. شهر جي ريلوي پاڙي ۾ رهندڙ پورهيت ڪارو ملاح جو پٽ حامد ملاح گهر ۾ديوار ڀرسان ويٺو هو ته اوچتو تيز طوفان لڳڻ ڪري ديوار سندس مٿان ڪري پئي ۽مٽي جي ملبي ۾دٻجي فوت ٿي ويو. تلهار ۽ ڀرپاسي ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو وسڪارو جاري آهي.