سنڌ جي وڏي وزير 30 هزار شاگردن کي اسڪالر شپ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 30 يونيورسٽين جي 30 هزار شاگردن کي اسڪالر شپ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ حڪومت، گوگل ۽ ٽيج ويلي وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو، سنڌ جي وڏي وزير 30 هزار گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ، اسڪالر شپس جو افتتاح به ڪري ڇڏيو. سنڌ جي 30 يونيورستين جي شاگردن جي لاءِ 30 هزار گوگل ڪيريئر  سرٽيفڪيٽ اسڪالر شپ جي شروعات ڪئي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت  ڊجيٽل تعليم ۽ هنرمندي ۾ انقلابي قدم کڻي رهي آهي. اسڪالر شپ نوجوانن جي روشن مستقبل جي لاءِ سرمائيڪاري آهي. هن چيو ته ڊجيٽل مهارت سان سنڌ جي سماجي، اقتصادي ترقي کي هٿي ملندي. جڏهن ته گذريل سال 10 سرڪاري  يونيورسٽين جي 1500 شاگردن کي اسڪالر شپ ڏني وئي هئي. هلندڙ سال سرڪاري 30 يونيورسٽين جا 30 هزار شاگرد اسڪالر شپ مان فائدو حاصل ڪندا. سيد مراد علي شاهه چيو ته پراجيڪٽ مينجمينٽ سائبر سيڪيورٽي ۽ اي آئي ۾ تربيٽ به ڏني ويندي. گهٽ مراعت يافته طبقو ۽ عورتن جي لاءِ خصوصي ڪوٽا رکي وئي آهي. هن چيو ته 100 سيڪڙو شاگردن گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ مڪمل ڪيا آهن ۽ گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ 3 کان 6 مهينن جي مدي جا ڪورسز آهن. اسان چاهيون ٿا ته سنڌ  جا شاگرد عالمي معيار جي تربيت حاصل ڪن.