سنڌ جي گهرو وزارت محرم الحرام دوران 143 عالمن ۽ ذاڪرين جي تقريرن تي پابندي لڳائي ڇڏي

سنڌ جي گهرو وزارت امن امان کي نظر ۾ رکندي محرم الحرام ۾ ڪيترن ئي عالمن جي تقريرن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. آءِ جي سنڌ طرفان صوبائي گهرو وزارت کي خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ سفارش ڪئي وئي  آهي ته سموري سنڌ جي 13 ضلعن جي 143 عالمن جون چڙ ڏياريندڙ تقريرون امن جي لاءِ خطرو آهن ان ڪري محرم الحرام  جي مهيني ۾ انهن تي پابندي لڳائي وڃي گهرو وزارت آءِ جي جي سفارش تي محرم الحرام جي دوران عالمن تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي 13 ضلعن جي 143 عالمن تي 60 ڏينهن جي لاءِ  بيان ۽ سفري پابندي لڳائي ڇڏي جنهن تي فوري طور تي عمل ڪيو ويندو.