ڪراچي ۾ روڊن ۽ شاهراهن جي نئين سر تعمير ۽ ترقياتي منصوبن جو جائزو

سنڌ حڪومت جو فيصلو: ڪراچي ۽ سنڌ جي روڊن ۽ پيئڻ جي پاڻي جي رٿائن تي ترقياتي ڪم تيز ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ADN سنڌي): سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس دوران صوبي جي سمورن وڏن شهرن اندر هلندڙ انفراسٽرڪچر ۽ پيئڻ جي پاڻي جي رٿائن کي 30 ڏينهن اندر تيزيءَ سان مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ترقياتي کاتي موجب ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ روڊن جي نوسازي ۽ پاڻي جي فلٽريشن پلانٽس لاءِ گهربل فنڊز جاري ڪيا ويا آهن ته جيئن شهرين کي فوري رليف ملي سگهي.