سنڌ حڪومت جي اثرائتي پاليسي سبب دهشتگردي تي ضابطو آندو ويو: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جي اثرائتي پاليسي جي ڪري دهشتگردي تي ضابطو آندو ويو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران شرڪت ڪندڙن سنڌ کي دهشتگردي، منشيات ۽ ٻين ڏوهن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو. اجلاس دوران سنڌ جي وڏي وزير خانگي گاڏين تي سول ڪپڙن ۾ گارڊز خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته سنڌ حڪومت جي اثرائتي پاليسي جي ڪري دهشتگردي تي ضابطو آندو ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ دهشتگردي، منشيات ۽ ٻين ڏوهن خلاف انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن جاري آهن، جنهن سان شهرين کي ڪا به پريشاني نه ٿي رهي آهي.