سنڌ حڪومت رات 10 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

 سنڌ حڪومت بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين کي رات 10 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سعيد غني ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو جي سي اي او کي سختي سان هدايتون ڏنيون آهن ته تازي گرمي جي موسم دوران رات 10 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ  ڪنهن به صورت ۾ نه ڪئي ويندي صوبائي وزيرن چيو ته ٽئي ادارا بجلي چوري ڪندڙن جي سزا عام شهرين کي ڏيڻ جي بجاءِ بجلي چورن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪن. سنڌ حڪومت ڪي اليڪٽرڪ سميت ٽنهي ادارن جي سنڌ حڪومت تي واجبات جي ادائيگي جلد کان جلد ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.