سنڌ حڪومت پوليس ۽ رينجرز کي هٿيارن جي نمائش تي گرفتار ڪرڻ جا اختيار ڏئي ڇڏيا

سنڌ حڪومت پوليس ۽ رينجرز کي هٿيارن جي نمائش تي گرفتاريون ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڪو به شخص ذاتي تحفظ لاءِ گاڏي ۾ لائسنس يافته هٿيار رکي سگهي ٿو، پر هٿيار جي نمائش نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پوليس ۽ رينجرز کي هٿيارن جي نمائش تي گرفتاريون ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي.