سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي جيل منور شاهه جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي جيل منور علي شاهه جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي جيل منور شاهه جي مقرري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت گذريل سال منور شاهه کي آءِ جي جيل جو عارضي چارج ڏنو هو جنهن کي پهرين نومبر تي مستقل چارج ۾ تبديل ڪيو ويو هو. موجوده آءِ جي جيل مان به سينئر آفيسر موجود آهن ۽ اها انهي جي حق تلفي آهي ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته آءِ جي جيل جو عهدو 21 گريڊ جو آهي ۽ منور علي شاهه 20 گريڊ جو آفيسر آهي. عدالت درخواستگذار جو موقف مڃيندي آءِ جي جيل منور شاهه جي مقرري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.