سوئي ناردرن گيس گهريلو صارفين لاءِ گيس شيڊول ۾ تبديلي ڪري ڇڏي

 سوئي ناردرن گيس گهريلو صارفين لاءِ گيس شيڊول ۾ تبديل ڪري ڇڏي آهي. گيس ڪمپني نئون شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ هاڻ شهرين کي سڄو ڏينهن گيس جي فراهمي جاري رهندي. سوئي ناردرن گيس ڪمپني طرفان هاڻ صبح 6 کان رات 10 وڳي تائين گيس جي فراهمي جو شيڊول جوڙيو ويو آهي، اهڙي طرح هاڻ شهرين کي سڄو ڏينهن گيس جي لوڊشيڊنگ کي منهن نه ڏيڻو پوندو. ياد رهي ته انهي کان اڳ شهرين کي 3 ٽائيم گيس ڏني ويندي هئي، صبح 6 کان 9 وڳي تائين، ٻنپهرن جو 11 وڳي کان ڏينهن جو 2 وڳي تائين ۽ آخر ۾ شام 6 وڳي کان رات 10 وڳي تائين صارفين کي گيس فراهم ڪئي ويندي هئي.