سوات مدين واقعي ۾ ملوث 23 جوابدار گرفتار، اڻڄاتل هنڌ منتقل

سوات جي علائقي مدين ۾ توهين مذهب جي الزام ۾ تشدد کان پوءِ هڪ شخص کي زنده ساڙڻ ۽ ٿاڻي کي باهه ڏيڻ جي الزام هيٺ 23 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب مدين واقعي ۾ ملوث 23 ڄڻن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب گرفتار  ٿيل ماڻهن جي خلاف ٿاڻي تي حملي، ڀڃ ڊاهه ۽ ٻين جا ڪيس اڳ ئي داخل ٿيل هئا. پوليس اختيارين موجب واقعي ۾ ملوث وڌيڪ ماڻهن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي. مدين واقعي تي وفاقي جاچ اداري جي رپورٽ به گذريل ڏينهن سامهون آئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته هوٽل انتظاميه مبينه جوابدار سليمان کي ڪمري جو دروازو کولڻ جو چيو جوابدار دروازو کوليو ۽ مبينه توهين مذهب کان انڪار ڪري ڇڏيو. مقامي پوليس جوابدار کي ٿاڻي وٺي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار کي ٿاڻي وٺي وڃڻ اهم غلطي هئي، لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڪنهن به آفيسر کان رهنمائي حاصل نه ڪئي ۽ نه ئي وري جوابدار کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو پوليس جوابدار کي 40 منٽن تائين حراست ۾ رکيو. حراست دوران به جوابدار توهين مذهب کان انڪار ڪيو. رپورٽ موجب پوليس دليري سان هجوم کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نقصان تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هجوم وقت اعليٰ پوليس آفيسرن يا سياسي اڳواڻن جي غير موجودگي به نقصان جو سبب بڻجي. سينئر پوليس آفيسر موجب ايف آءِ آر ۾ 2 هزار ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هينئر تائين 23 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جوابدارن کي مدين ۽ ڀرپاسي مان گرفتار ڪيو ويو. جوابدار ڀڃ ڊاهه، گهيراءُ ۽ باهين ۾ ملوث آهن جڏهن ته ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن. مدين واقعي جي لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي ۾ آءِ بي جا نمائندا به شامل آهن. جي آءِ ٽي 13 ڏينهن ۾ رپورٽ مڪمل ڪري صوبائي حڪومت ڏانهن اماڻيندي. ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ مڇريل ماڻهن سوات جي علائقي مدين ۾ توهين مذهب جي الزام ۾ گرفتار ڪري ٿاڻي آندل شخص کي ٿاڻي مان ڪڍي تشدد جو نشانو بنايو ۽ پوءِ ان کي زنده ساڙي ڇڏيو. مڇريل ماڻهن ٿاڻي ۾ ڀڃ ڊاهه به ڪئي ۽ ان کان به باهه ڏئي ڇڏي هئي.