سوات واقعي ۾ مختلف کاتن جي ڪوتاهي سامهون آئي آهي، چيئرمين انسپيڪشن ٽيم جو عدالت ۾ اعتراف

چيئرمين انسپيڪشن ٽيم سوات سانحي تي هاءِ ڪورٽ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته سوات واقعي ۾ مختلف کاتن جي ڪوتاهي سامهون اچي وئي آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ سوات سانحي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران لاڳاپيل آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي  دوران چيئرمين انسپيڪشن ٽيم سوات سانحي بابت عدالت کي ٻڌايو ته سوات درياءَ واقعي جي جاچ جاري آهي جنهن ۾ مختلف کاتن جي ڪوتاهي سامهون آئي آهي، جنهن تي چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ چيو ته غفلت ڪندڙن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ عدالت ۾ موجود ڪمشنر هزاره کان سوال ڪيو ته هزاره ۾ سياحن جي تحفظ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟ ميڊيڪل ايمرجنسي جي صورت ۾ ڪهڙا  انتظام ڪيا ويا آهن؟ جنهن تي ڪمشنر هزاره جواب ڏنو ته قلم 144 لاڳو آهي. حددخلين جي خلاف آپريشن جاري آهي. نٿيا گلي اسپتال ۾ اضافي عملو مقرر ڪيو آهي. عدالت سوال ڪيو ته سوات واقعي کان پوءِ ايمرجنسي رسپانس جي لاءِ ڪهڙا انتظام کنيا ويا آهن؟ الله نه ڪري ڪجهه ٿي وڃي ته ڇا ڊرون سان فوري رسپانس ممڪن آهي؟ ڪمشنر هزاره چيو ته ڊرون حاصل ڪيا آهن جيڪي لائف جيڪٽس پهچائي سگهن ٿا. عدالت هدايت ڪئي ته ڊرونز کي ٽيسٽ ڪريو، آزمائشي مشق ڪريو، ڏسو ڪيتري دير ۾ ايمرجنسي ۾ پهچي سگهي ٿو، ڪٿي ائين نه ٿئي ته وقت تي ناڪام ٿي وڃي. چيف جسٽس وڌيڪ هدايت ڪئي ته سياحن کي محفوظ ماحول ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي جنهن تي آر پي او هزاره چيو ته پوليس ۽ ريسڪيو پاڻ ۾ ڪوآرڊينيشن ۾ آهن. جنهن کان پوءِ عدالت ڪمشنر مالاڪنڊ ۽ آر پي او کي هدايت ڪئي ته ٻئي آفيسر رپورٽ  عدالت ۾ جمع ڪرائين ۽ سوات سانحي بابت جاچ رپورٽ به پيش ڪئي وڃي. ٻئي طرف سوات سانحي جي انڪوائري ڪميٽي ۾ ڊي جي ريسڪيو پيش ٿيا جنهن ۾ انهن کان سوال ڪيو ويو ته جنهن وقت واقعو ٿيو اوهان ڪٿي هئا” ريسڪيو اهلڪارن ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائڻ لاءِ ڇا ڪيو؟ خيبرپختونخواهه ريسڪيو جي ڊي جي شاهه فهد جواب ڏنو ته هو انهي وقت پشاور ۾ هئا، 27 جون تي سوات ۾ مختلف هنڌن تي ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائڻ لاءِ آپريشڻ ڪيا. ريسڪيو آپريشن جي دوران درجنين ماڻهن کي بچايو ويو. 9 لڳي 45 منٽن تي فون آيو جنهن کان پوءِ ايمبولينس موقعي تي پهتيون پر ايمرجنسي جي نوعيت ڌار هئي. هن ٻڌايو ته واقعي واري جڳهه تي غوطه خور، ٻيڙيون ۽ ٻيو سامان اماڻيو، غوطه خورن مينگوره باءِ پاس روڊ جي ڀرسان سوات درياءَ مان 3 سياحن کي بچايو جڏهن ته سوات واقعي کان پوءِ ريسڪيو اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو ۽ انهي حوالي سان انٽرنيشنل انڪوائري به جاري آهي.