سوشل ميڊيا تي مذهبي توهين آميز مواد ڦهلائڻ تي 2 ملزمان کي موت جي سزا ٻڌائي وئي

ملزمان خلاف سوشل ميڊيا تي توهين آميز مواد ڦهلائڻ جي الزام هيٺ ايف آءِ اي ۾ ڪيس داخل هو۔ ملزمان اياز بن طارق ۽ آفاق احمد کي دفعه 295 سي تحت موت جي سزا ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ لڳايو ويو۔ دفعه 295 بي تحت عمر قيد، دفعه 298 اے تحت 3 سال قيد ۽ 1 لک رپيا ڏنڊ، جڏهن ته پيڪا سيڪشن 11 تحت 7 سال قيد ۽ 1 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي۔ ملزمان تي 2021 ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سيل اسلام آباد طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو هو۔ 24 جنوري 2025 تي عدالت سوشل ميڊيا تي مذهبي منافرت ڦهلائڻ جي ڪيس ۾ 4 ماڻهن کي موت جي سزا ۽ 10-10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي۔ سزا ماڻيندڙ مجرمان ۾ رانا عثمان، اشفاق علي، سلمان سجاد، ۽ واجد علي شامل آهن۔ ڪيس جو فيصلو ايڊيشل سيشن جج محمد طارق ايوب ڏنو۔ ان کان اڳ 19 سيپٽمبر 2024 تي سوشل ميڊيا تي توهين رسالت تي مبني مواد شيئر ڪرڻ تي عدالت هڪ عورت کي تامرگ ڦاسي ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو۔ مجرمہ کي پيڪا ايڪٽ خاص عدالت جي جج افضل مجوڪا طرفان موت جي سزا ٻڌائي وئي۔ شگفته ڪرن تي تعزيرات پاڪستان جي دفعه 295 سي تحت 3 لک رپيا ڏنڊ پڻ لڳايو ويو۔ عدالت جي فيصلي موجب عورت کي تامرگ ڦاسي تي لٽڪايو ويندو، پر کيس 30 ڏينهن اندر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل جو حق حاصل آهي۔ سپرينٽينڊنٽ اڊياله جيل کي عورت کي حراست ۾ رکڻ جا وارنٽ جاري ڪيا ويا۔