قومي اسيمبلي ۾ سوشل ميڊيا جي غلط استعمال جي روڪٿام ۽ غيرت جي نالي تي قتل خلاف قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي قرارداد جي متن موجب ايوان سوشل ميڊيا جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ٿو. وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان مشاورت کان پوءِ سوشل ميڊيا جي صحيح استعمال لاءِ قانون ٺاهڻ، ڊجيٽل حقن، قائدن ۽ اخلاقيات جي آگاهي لاءِ قدم کنيا ويندا پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر شاهده رحماني قرارداد اسيمبلي ۾ پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته هلندڙ ڏينهن ۾ ڪجهه صوبن ۾ غيرت جي نالي تي قتل ٿيا مملڪتي وزير طلال چوڌري طرفان پاڪستان شهريت ترميمي بل 2025 قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. شهريار آفريدي اعتراض ڪندي چيو ته شهريت بل آهي ڇا انهي بابت ايوان کي ٻڌايو وڃي مملڪتي وزير ٻڌايو ته اهو بل سينيٽ ۽ قائمه ڪميٽي کان پوءِ منظور ٿيو. ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٻئي شهريت جي لاءِ پنهنجي شهريت ختم ڪرڻي پوندي هئي. طلال چوڌري چيو ته جرمني سميت ڪيترن ئي ملڪن سان اسان جي ٻٽي شهريت جو معاهدو ٿي ويو آهي. هاڻ پرڏيهي پاڪستانين کي ٻئي ملڪ جي شهريت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني شهريت ختم نه ڪرڻي پوندي موٽر وهيڪل انڊسٽري ڊوالپمينٽ بل 2025 به قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کي ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو. طلال چوڌري سوسائٽيز رجسٽريشن ترميمي بل 2025 قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو جنهن کي منظور ڪيو ويو انهي کان علاوه طلال چوڌري وفاقي ترقياتي اداره ترميمي آرڊيننس 2025 جڏهن ته رانا تنوير حسين نيشنل ايگري ٽريڊ اينڊ فوڊ سيفٽي اٿارٽي آرڊيننس 2025 پيش ڪيو پيپلز پارٽي جي ميمبر سيد نويد قمر چيو ته اڃان هڪ اسان جو سيشن ختم ٿيو آهي، جيڪڏهن هڪ ٻئي جي پٺيان آرڊيننس آڻيندا رهندو ته ڇا اوهان پارليامينٽ جي رٽ کي انڊر مائن نه ڪري رهيا آهيو؟ رانا تنوير حسين چيو ته آرڊيننس آئين جو حصو آهي، ڪوبه آرڊيننس ضرورت کان سواءِ ڪڏهن به جاري ناهي ٿيندو. اسيمبلي اجلاس جي دوران تحفيف غربت، سماجي تحفظ ڊويزن بابت سوال تي پارلياماني سيڪريٽري ڊپارٽمينٽ کان بريفنگ نه وٺڻ جو پڻ انڪشاف ڪري ڇڏيو. پارلياماني سيڪريٽري چيو ته مان بالڪل تيار نه آهيان مون کي ڊپارٽمينٽ طرفان بريفنگ ناهي ڏني وئي مان سخت پريشان آهيان.