سون جو اگهه وڌيڪ چڙهي ويو

ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 100 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 15 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي اهڙي ريت 10 گرام سون 86 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 85 هزار 100 رپين جو ٿي ويو آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 2 ڊالر واڌ سان 2036 ڊالر في اونس آهي.