سون جي قيمت ۾ وڏي واڌ

 ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو وري وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون هزار رپيا مهانگو ٿيڻ بعد ٻه لک 51 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي. اهڙي ريت ڏهه گرام سون 858 رپيا واڌ بعد 2 لک 15 هزار 621 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.ايسوسيئيشن موجب، عالمي بازار ۾ في اونس سون جي قيمت 3 ڊالر واڌ بعد 2373 ڊالر آهي.