اڄ کان 30 سال اڳ 6 جنوري 1993ع تي ڪشمير جي علائقي سوپور ۾ قابض ڀارتي سيڪيورٽي فورسز 60 کان وڌيڪ اڻ ڄاتل پوليس اهلڪارن کي قتل عام ڪري ڇڏيو هو. ڀارتي فوج جي بربريت تي عالمي ميڊيا ۽ ادارا اڄ به آواز اٿاري رهيا آهن، ڀارتي فوج جي بيگناهه ڪشميرين تي بنا جواز فائرنگ ڪري 60 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي ويا. 350 کان وڌيڪ دڪان ۽ 140 کان وڌيڪ گهر سڙي ويا. ڪشمير ميڊيا سروس جي رپورٽ موجب ڀارتي فوجين بس ۾ سوار سمورن مسافرن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ بس کي باهه ڏئي ڇڏي. قابض فوجين بس ۾ سوار 25 کان وڌيڪ مسافرن کي زنده ساڙي ڇڏيو. نهتي عورت جي 6 مهينن جي ٻارڙي کي جهلي باھ ۾ اڇلايو ويو، ماءُ کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو.